خالد شمس الحسن

خـالـد شـمـس الـحـسـن: تـحـريـڪ پـاڪستان جي سرگرم ڪارڪن ۽ بئنڪ ڪار، خالد شمس الحسن جو پورو نالو خالد ولد سيد شمس الحسن هو. سندس جنم 1927ع ڌاري دهليءَ ۾ ٿيو. سندس والد انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري هو. دهليءَ جي اينگلو عربڪ ڪاليج مان بي اي ۽ يونيورسٽيءَ مان (1947ع ۾) ايم. اي جي سند حاصل ڪيائين. هن تعليم حاصل ڪرڻ دوران تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور حصو ورتو. جڏهن ته 1939ع ۾ صوبائي مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي رڪنيت اختيار ڪئي. 1940ع ۾ فيڊريشن جي مجلس عامله جو رڪن، 1941ع ۾ خزانچي ۽ 1943ع ۾ جنرل سيڪريٽري ۽ 1947ع ۾ انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن'>آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو جوائنٽ سيڪريٽري منتخب ٿيو. هن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ بئنڪ ۾ نوڪري اختيار ڪئي. نيشنل بينڪ آف پاڪستان جو سينئر ايگزيڪٽو وائس پريذيڊنٽ رهيو ۽ ان ئي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي والد جي نالي سان مطالعي ۽ تحقيق لاءِ ’شمس الحسن فائونڊيشن‘ قائم ڪئي. ان اداري طرفان سندس ڪتاب ’پلين مسٽر جناح‘ شايع ٿيو. ان کان پوءِ سندس انگريزيءَ ۾ ڪتاب ڇپيو، جنهن جو موضوع هو: ”قائداعظم جو خواب، جيڪو شرمنده تعبير نه ٿيو.“ هي ڪتاب انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي اقتصادي منصوبه بندي ڪميٽيءَ جي رپورٽ بابت هو. هن ’پاڪستان جي لاءِ سنڌ جي جدوجهد‘ (انگريزي) ڪتاب به لکيو. هن جون ڪيتريون تصنيفون اشاعت هيٺ هيون، پر . هن 30 جون 1995ع تي اوچتي وفات سبب انهن جي اشاعت نه ڏسي سگهيو.


لفظ خالد شمس الحسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو